صبح صادق کوسو مير

صبح صادق کوسو، مير: نامور سياستدان مير صبح صادق خان ولد مير حسن کوسو 1926ع ڌاري ڳوٺ دين پور، تعلقي ٺل، ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. سندس والد ڏهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. انگريز سرڪار سندس ملڪيت رحيم بخش کوسي کي ٺيڪي تي ڏني ۽ ٻنهي ڀائرن مير صبح خان ۽ عبدالمجيد کي پڙهڻ لاءِ ڪراچي موڪليو. جتي علامه آءِ. آءِ قاضي وٽ رهندا ۽ پڙهندا هئا. هن پنهنجي سموري تعليم سينيٽري اسڪول ڪراچي ۽ ڪيمبريج اسڪول ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. نواب اڪبر بگٽي سندس هم ڪلاسي هو. مير صبح صادق واپس ڳوٺ آيو.
هن سياست جي شروعات جمعيت علماءِ کان ڪئي. بعد ۾ ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ سرگرم ٿيو. مير صبح صادق ضياءَ الحق جي حڪومتي دؤر ۾ صحت کاتي جو وفاقي وزير رهيو، پر جلد کاتو ڇڏي ڏنائين. پاڻ جيڪب آباد ضلعي جو نامور سياستدان هو. هيءُ جيڪب آباد ضلعي جو پهريون شخص هو. جنهن ضلعي ۾ زرعي مشينري متعارف ڪرائي. هن سياست ۾ رهڻ دوران علائقي ۾ ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا. علائقي ۾ روڊ، رستا پڪا ڪرڻ سميت اسڪول، بجلي، گئس جون سهوليتون مهيا ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهيو. هن 10 سيپٽمبر 2008ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڊفينس ڪراچي قبرستان ۾ آهي. کيس ٻن پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2008.09.10  عيسوي

مير صبح صادق خان ولد مير حسن کوسو 1926ع ڌاري ڳوٺ دين پور، تعلقي ٺل، ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو.هن 10 سيپٽمبر 2008ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڊفينس ڪراچي قبرستان ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چانهيو محمد هاشم
ڀٽي سليم اختر
جمن شاهه جيلاني
دليپ ڪمار
سليمان تاجر
ميرڻ فقير سولنگي
جمعو مُلون
ڄام جوڻو
ايس ايم قريشي
رابرٽ ارسڪن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون